گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران و??ير??عظم کي ??ءِ ٽي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان ??گا??ه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ضلعن ۾ تعليم جي شعبي جي ڪيترن ئي مسئلن جي وقتائتي نشاندهي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي ??ذائي فراهمي جي پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي بحالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي تعمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران و??ير??عظم کي ??ريفنگ ۾ گلگت بلتستان ۾ صحت جي شعبي ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي خاتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران و??ير??عظم کي ماحولياتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ??گا??ه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران و??ير??عظم کي گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي، گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جي حقيقي صلاحيت ۽ موجوده پيداوار ۽ بجيٽ جي صورتحال تي پڻ بريف ڪيو ويو. نگران و??ير??عظم گلگت بلتستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي ??مورن موجوده ترقياتي منصوبن جي افاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران و??ير??عظم کي گلگت بلتستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ??گا??ه ڪيو ويو. نگران و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪ??ي. ??گران و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان، آءِ جي گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.