لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ ڏهين ??امن ويلٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ ۾ ماحولياتي تبديلي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ دولت مشترڪه جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻو پوندو. جليل عباس جيلاني چيو ته دولت مشترڪه ملڪن کي موسمياتي تبديلي پروگرام جي تجربن مان فائدو کڻڻو پوندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ نوجوانن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان انهن ڪ??هه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهن. هن موسمياتي تبديلين ??ي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ دولت مشترڪه جي قومن کي گڏيل جدوجهد جي اپيل ڪئي.