اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي قومي بچت کي فراڊ سان متاثر ٿيل عورت کي 12 لک ??پي?? منافعي سان گڏ واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيص??ي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب راولپنڊي جي عورت شهري جي اڪائونٽ مان جعلي چيڪ بُڪ ذريعي 12 لک ??پي?? ڪڍرايا ويا هئا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ معام??ي جي مناسب جاچ جي لاءِ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ۽ انڪوائري کانپوءِ فراڊ جي معاملي ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي. تفصيل موجب عابده رفعت (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي ته سندس قومي بچت راولپنڊي ۾ پينشنز بينيفيٽ اڪائونٽ هو، عورت کي 2021ع ۾ خبر پئي ته 2019ع ۾ سندس اڪائونٽ مان 12 لک ??پي?? فراڊ ذريعي ڪڍيا ويا. رقم هڪ چيڪ بُڪ ذريعي ڪڍي وئي، جيڪو عورت کي ڪڏهن جاري نه ڪيو ويو هو. عورت فراڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ رقم جي وصو??ي جي لاءِ قومي بچت کي شڪايت داخل ڪرائي، معام??ي جي صحيح ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي ۽ عورت کي چيو ويو ته اها ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن قومي بچت کي معاملو ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو چيو. قومي بچت معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ بدران صدر ??ي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيص??ي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. صدر ??يو ته قومي بچت پنهنجي ئي خط ۾ اعتراف ڪيو ته جعلي ٽرانزيڪشن جي ذريعي اڪائونٽ مان 12 لک ڪڍرايا ويا، قومي بچت جي اندروني انڪوائري دوران آفيسر بيان ڏنو ته رقم کي گن مين ۽ ڪيشيئر جي ذريعي دوکيبازي سان ڪڍيو ويو. صدر ??يو ته قومي بچت ڄاڻايل اهلڪارن کي انڪوائري ۾ شامل ئي نه ڪيو، ثابت ٿئي ٿو ته قومي بچت جي انڪوائري جو عمل شفاف نه هو. صدر ??يو ته قومي بچت جو معاملو ايف آءِ اي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ بنا جواز آهي، وفاقي محتسب صحيح نشاندهي ڪئي ته معام??ي جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صدر ??اڪٽر عارف علوي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته قومي بچت 30 ڏينهن ۾ محتسب کي تعميل جي رپورٽ پيش ڪري.