اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ?? سفارتي حمايت جاري رکنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي م??اسبت سان ڪاري ڏينهن جي م??قعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي قتل عام ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو ويو ته هي ايوان انساني حقن واري ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو وڃي. والاريل وادي ۾ ڀ??رت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي اخلاقي، سياسي ?? سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن جي پارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.