اسلام ??با?? -31 آڪٽوبر (اي پي پي)اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان ??اڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي، محصول ۽ اقتصادي معاملن واري نگران ??فاق?? وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاق?? وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وفاق?? وزير سميع سعيد، بجلي ۽ پيٽرول وار?? وزير محمد علي، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن اجلاس ۾ توانائي ۽ پيٽروليم وار?? وزارت طرفان ??يش ڪيل سنگل آئٽم ايجنڊا ت?? غـور ڪيو. توانائي وار?? وزارت طرفان ??ختلف ڪيٽيگرين لاءِ قدرتي گئس جي وڪري جي اگهه تي نظرثاني جي حوالي سان ??يش ڪيل سمري مالي سال 24-2023ع تي ٻيهر غور ڪيو ويو. اي سي سي تفصيلي بحث ۽ غور ڪرڻ بعد گئس جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي عمل پهرين نومبر 2023ع کان ڪيو ويندو. اي سي سي ان کان اڳ 23 آڪٽوبر 2023ع تي پيٽروليم ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري تي غور ڪيو ۽ قدرتي گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينه 30 تاريخ تي پنهنجي اجلاس ۾ ان سمري کي نظرثاني لاءِ ٻيهر اي سي سي ڏانهن اماڻيو هو. اي سي سي خصوصي اجلاس ۾ قدرتي گئس جي اگهه ۾ ترميم جي منظوري ڏني.