اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ترقي، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ??ي سي او جي هدفن جي لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي ??نيادي ڍانچي جي ??رقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي ??رورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ??يو ته نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي ??ديد مذمت ڪئي ۽ فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته وڌندڙ عدم رواداري، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي ڌيان جي ??رورت آهي. هن اسلامو فوبيا جي ??جحان ۾ اضافي جي ??لاف سياسي ۽ قانوني روڪٿام ۽ گڏيل احترا??، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل پرامن بقاءَ کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم آذربائيجان ۽ ازبڪستان جي ??درن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. هن اي سي او جي ??يڪريٽري جنرل سفير خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان ??يو ته انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، علائقائي رابطن ۽ ترقي کي فعال طور تي فروغ ڏيڻ ۽ هڪ تنظيم طور اي سي او کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ??نو ويو.