اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پا??ست??ن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي محافظن ۽ سياسي ڪارڪن?? جي ملڪي??ن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي مهم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي استعمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيترين ئي ملڪي??ن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حق?? جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزعمل ۽ اهڙي قسم جي وحشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان چيو ته پا??ست??ن گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.