ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پول??و وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ??اءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي ??اءِ پرع??م آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽ??ليفون ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي ??اءِ جاري ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هن وقت گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي. ٽيليفون ڪال دوران نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ??وقعي تي ٿيل پنهنجي ??لاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پول??و وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ??اءِ پاڪستان جي ??ختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم بل گيٽس کي سڄي پاڪستان ۾ جاري پول??و ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي ??سئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي ??وضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي ??چ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي ??اءِ پرع??م آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.