اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گذريل هفتي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غ??رق??نوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير بابت تازي فيصلي جي غ??رق??نوني حيثيت طرف ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگ??ان پرڏيهي وزير انهن خطن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلا گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي قراردادن کان هٽي نٿا ڪري سگهن ۽ عالمي طور تي مڃ??ل تڪراري علائقي جي حيثيت کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن. ترجمان چيو ته نگ??ان پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي زور ڏي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ ??نظ?? خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ ڀارت جي غ??رق??نوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي سمورن غ??رق??نوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.