اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي ا??ڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ جامع تعليم جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جسماني صلاحيت، سماجي ۽ اقتصادي پس منظر کان هٽي ڪري سمورن ٻارن کي هڪ جهڙا تعليمي موقعا ڏيڻا پوندا، نجي ا??ڪول، فلاحي تنظيمون معذور ٻارن سميت سڀني جي لاءِ تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ حڪومتن جو ساٿ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي جي نجي ا??ڪولن ۽ اين جي اوز جي انتظام هيٺ اسڪولن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي، سنڌ جي تعليم واري نگران وزير مسز رانا حسين، سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۽ ڪراچي ۾ اسڪولن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر اسڪولن جي لاءِ ٺوس نصاب جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جامع نصاب ۾ تدريسي طريقن ۽ معذور شاگردن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گه??جي. هن چيو ته تعليمي ا??ارن کي ريمپ، لفٽ ۽ ٻين ضروري سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائڻ گه??جي. هن جامع تعليم تي هڪ بنيادي چارٽ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان ۾ جامع تعليم جي سمورن بنيادي رخن کي شامل ڪرڻ گه??جي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي شعبي ۽ اين جي اوز جي مدد سان پاڪستان ۾ جامع تعليم تي ا??فاق راءِ پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏيندي چيو ته سنڌ اسڪول ايجوڪيشن ۽ خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جا ادارا نجي ا??ڪولن ۽ اين جي اوز سان رابطو رکن، نجي ا??ڪول جامع تعليم تي پنهنجي ويزن ۽ بهترين تجربن کي سنڌ حڪومت سان شيئر ڪن. صدر چيو ته جامع تعليم تي بنيادي چارٽ جي تياري جي لاءِ نجي ا??ڪولن کي خصوصي ماڻهن تي موجوده قانوني فريم ورڪ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، نجي ا??ڪول پهرين کان اٺين درجي تائين جامع تعليم تي نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي نصاب جو جائزو وٺن. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ جامع تعليم جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ تي صدر ۽ خاتون اول کي ساراهيو. ان کان اڳ صدر کي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جامع تعليم تي بريفنگ ڏني وئي.