اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ تعليم واري وفاقي وزارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي ايف ڊي اي ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر نمائندن کان علاوه تعليم واري وزارت جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير کي ايڇ اي سي پرائيويٽ ميمبر بل ”دي سمارٽ انسٽيٽيوٽ آف ??ائ??س اينڊ ٽيڪنالاجي (ترميمي) بل 2023ع“ جي باري ۾ ب??يف??گ ڏني. کيس ٻُڌايو ويو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن ??ال??سي تيار ڪري رهيو آهي. ڊي جي ايف ڊي اي وفاقي وزير کي ايف ڊي اي جي استادن جي تربيت جي حوالي سان به ب??يف??گ ڏني. مدد علي سنڌي کي هن وقت اسلام آباد ۾ ڪيمبرج سسٽن تحت اي ۽ او ليول ۾ تعليم هيٺ شاگردن جي انگ جي باري ۾ ٻُڌايو ويو. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته اسلام آباد ان جو انگ تقريبن 6 هزار آهي. مدد علي سنڌي ايڇ اي سي ۽ ايف ڊي اي کي ??ال??سي جي جوڙجڪ ۽ اهڙيءَ طرح جي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.