پئرس _28 فيبروري (اي پي پي ) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد پئرس ۾ جاري فرانس انٽر ن??شن?? ايگريڪلچر شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو 60 هون ايڊيشن جاري آهي . پئرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽوئيٽ مطابق سفير زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي مختلف پيشيوراڻي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پاڪستان جي وفاقي وزارت ن??شن?? فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن جو مقصد زرعي شعبي، لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، تحقيق ۽ خصوصي تربيتي پروگرامن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ رابطو پيدا ڪرڻ هو . هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان پيرس انٽرن??شن?? ايگريڪلچرشو نه رڳو فرانس پر سموري دنيا ۾ هڪ اه?? زرعي تقريب سمجهي ويندي آهي .