اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مل??ي معيشت جي ترقي جي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، نن??ي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مل??ي معيشت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مل??ي معيشت جي ترقي جي لاءِ ??ين??ڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو آهن. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته معيشت جي مختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مل??ي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، نن??ي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، غريب عوام جي پئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ??ين??ڙ 5 سالن ۾ مل??ي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائينداسين. و??ير??عظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار وڌائينداسين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق مل??، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مل??ي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ ۽ اهم شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ نن??ي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم انهن تجويز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي.