رياض -27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شر??ت لاءِ سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض پهچي ويو، رياض جي رائل ايئرپورٽ تي رياض ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم جو استقبال ڪي??. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??طابق وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 کان 29 اپريل 2024ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي سهڪار، ترقي ۽ توانائي بابت عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شر??ت ڪندو، ان دوري جي دعوت ولي عهد ۽ وزيراعظم سعودي عرب محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ عالمي اقتصادي فورم جي باني ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلاس شواب ڏني هئي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو، وزيراعظم ۽ وزير واپار ۽ سيڙپڪاري جي قدمن، سيڙپڪاري جي نئين فريم ورڪ، سپلاءِ چين جي نئين سر تنظيم سازي، جٽادار ترقي ۽ توانائي سان ??اڳاپيل مسئلن تي ڊبليو ايم ايف ڳالهين ۾ شر??ت ڪندا. فورم ۾ اعليٰ سطح جي شر??ت خاص طور تي عالمي صحت جي ڍانچي ۾ پاڪستان جي ترجيحن، جامع ترقي، علا??قا??ي سهڪار کي زنده ڪرڻ ۽ ترقي ۽ توانائي جي کپت کي هٿي ڏيڻ وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت کي پيش ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو، تقريب جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم ۽ سندس وفد عالمي اڳواڻن جن ۾ سعودي قيادت، عالمي تنظيمن جا سربراهه ۽ تقريب ۾ شريڪ ٻين اهم شخصيتن سان ??لاقاتون ڪندو.