اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي ??طمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي ف??وغ ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر اٽلي جي سفير ماريليا آرميلن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اط??لو?? سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اٽلي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سدائين خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ڪيترن ئي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي ملندڙ مبارڪباد واري پيغام تي ??ط??لو?? قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اٽلي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي ??ور ڏيندي وزيراعظم اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن وزيراعظم ميلوني جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن پاليسين کي ساراهيو جن اٽلي کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي ??طمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي ف??وغ ڏين. هن سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جي ميزباني ڪرڻ تي ??ٽلي جا ٿورا مڃيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اط??لو?? سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اٽلي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ ف??وغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي ف??وغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.