اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي ??رڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي ??اءِ عوامي ۽ سياحتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته ازبڪستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ ازبڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌ??ئڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان علائقائي رابطن جي ??روغ جي ??اءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ??چ ۾ ٻطرفو واپار وڌ??ئڻ جي ??اءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ??اءِ ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تجويزون ڏنيون. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي ??اءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻ??رفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌ??ئڻ جي ??اءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر پاران صدر جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.