اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي خلائي مرڪز مان موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط ح??يد??ري جو مظهر آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ ??اڪ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي مون سميت پوري قوم کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ ??اڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي گرد مدار ۾ موڪلڻ سان پوري پاڪستاني قوم هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪري ورتو. هن چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي شي چانگ سيٽلائيٽ ??انچ سينٽر مان خلا ۾ موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط ح??يد??ري جو مظاهر آهي، اهڙن قدمن سان پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهنداسين. ??زي??اعظم چيو ته سيٽلائيٽ ??ه رڳو پاڪستان جي مواصلاتي نظام ۾ هڪ نئُون روح ڦُوڪيندو پر ان سان پوري ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪري سگهبي، سيٽلائيٽ ??واصلاتي نظام ۾ بهتري سان اي ڪامرس، اقتصادي سرگرمين ۽ اي گورننس ۾ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو زمين جي مدار ۾ 36 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي موڪلڻ اسپارڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پوري قوم انهن کي شاباس ڏي ٿي. هن چيو ته سيٽلائيٽ ??اڪ سيٽ ايم ايم ون جو زمين جي مدار ۾ ڪاميابي سان پهچڻ پاڪستان جي شاندار مستقبل جي نويد آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سيٽلائيٽ ??اڪ سيٽ ايم ايم ون ملڪ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتري ۽ خلائي شعبي ۾ وڏين ڪاميابين جي نويد ثابت ٿئي.