اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) هلندڙ م??لي سال ترقي جي شرح 2.38 سيڪڙو رهي، حڪومتي سڌارن واري پاليسي ٻه طرفي عالمي ۽ گهڻ رخي پارٽنرز طرفا?? سيڙپ جي آمد ۽ سراسري اقتصادي بح??لي سبب هاڪاري اوسر واري شرح ممڪن ٿي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته م??لي سال 2024ع دوران مهانگائي جي شرح ۾ سراسري طور گهٽتائي رهي. جي ڊي پي جي ڳاڻيٽي ۾ 26.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ هي گذريل م??لي سال جي 83875 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ وڌي هڪ لک 6 هزار 45 ارب رپيا تائين پهچي ويو. في ڪس آمدني ۾ 129 ڊالرن جو اضافو ٿيو ۽ جيڪا گذريل م??لي سال جي 1551 ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 1680 ڊالرن تي پهچي وئي. سياسي عدم استحڪام ۽ سخت اقتصادي پاليسين سبب سيڙپڪاري جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي ۽ م??لي سال 2023ع جي 14.13 جي ڀيٽ ۾ گهٽجي م??لي سال 2024ع دوران 13.4 سيڪڙو تي آئي. اهڙي ريت جي ڊي پي جي شرح سان بچت جي شرح ۾ به گهٽتائي واقع ٿي ۽ جيڪا م??لي سال 2023ع جي 13.2 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ گهٽجي م??لي سال 2024ع ۾ 13 سيڪڙو تي اچ?? وئي.