اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ??اڪ??تان گذريل سال (2023ع) ۾ جيلن ۾ قيد 485 ڀارتي شهرين کي آزاد ڪيو جن ۾ 6 سول قيدي ۽ 479 مُهاڻا شامل هئا، اسان ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن ??اڪ??تاني قيدين جي جلد واپسي کي يقين?? بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوشش??ن جاري رکنداسين. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ ڀارت پهرين جولاءِ 2024ع تي 2008ع جي قو??صلر پهچ جي معاهدي تحت هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. هن ٻڌايو ته ??اڪ??تان جيلن ۾ قيد 254 ڀارتي شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست حوالي ڪئي جڏهن ته ڀارت پنهنجي جيلن ۾ قيد 452 ??اڪ??تاني شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست شيئر ڪئي. هن چيو ته ??اڪ??تان پاران گم ٿيل 38 ??اڪ??تاني دفاعي اهلڪارن جي فهرست پڻ ڀارت کي ڏني وئي جن بابت خيال آهي ته اهي 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين کان ڀارت جي تحويل ۾ آهن. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان انهن انساني مسئلن کي ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن ??اڪ??تاني قيدين جي جلد واپسي کي يقين?? بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوشش??ن جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته انهن ڪوششن جي هڪ حصي طور 2023ع ۾ 62 ۽ 2024ع ۾ 4 ??اڪ??تاني قيدين جي وطن واپسي ٿي.