اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اسلام آباد اچڻ تي شاندار استقبال ڪي?? ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي فضائي حدن ۾ ??اخ?? ٿيندي ئي آذربائيجان جي صدر جي جهاز کي پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن حفاظتي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. آذربائيجان جي صدر جي جهاز کي پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ جهاز اسلام آبا?? تائين حفاظتي گهيري ۾ وٺي آيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي آذربائيجان جو ص??ر پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي.