اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي شديد مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ وز??را??ظم اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چ??و ته سياسي عمل ۾ هر قسم جو تشدد مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته ان ڏکئي وقت ۾ اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڊونلڊ ٽرمپ جي خاند??ن سان گڏ آهن.