لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪ??ئو??س?? جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي چيو آهي، ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي، ڀارت جو ڪشمير تي غاصباڻو قبضو گهڻي دير تائين نه رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال تي جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ق??من کي واپس وٺڻو پوندو، پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀائرن جي خوداراديت وا??ي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، مودي جي ظلمن ۽ ڏاڍ کي سمورن عالمي فورمن تي بي نقاب ڪندا رهنداسين. والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ڪشميرين جي آزادي وا??ي جدوجهد کي ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو گذريل 76 سالن کان حل طلب آهي ۽ ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪريون ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??س?? جي ٺهرائن مطابق ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت وا??ي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.