اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرئين نشان حيدر حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس شهادت جو ڏينهن سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال ق??بانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي ??فا?? لاءِ پاڪستاني فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي س??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق ڪيپٽن سرور شهيد جي 76 هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948 جي جنگ جي جرئت ۽ بهادري جي مثال ق??ئم ڪندي، شهادت جو درجو حاصل ڪيو، ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجي جان تي فوقيت ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ مادر وطن سان وفا جو لازوال مثال ق??ئم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جو ڏهاڙو سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال ق??بانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي ??فا?? لاءِ پاڪستان جي فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي س??هي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستاني پاڪستاني فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي ??فا?? لاءِ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم ملڪي ??فا?? لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ادا ڪندڙ پاڪستاني فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ بيٺل آهي.