منسڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بي??اروس ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بي??اروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اسپيڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان بي??اروس سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بي??اروس وچ ۾ لاڳاپا ??ڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسپيڪر پاڪستان جي پارلياماني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي بي??اروس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بي??اروس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد جو بي??اروس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي پارلياماني وفد جو تازو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ ??هم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته بي??اروس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي د??ستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي اسپيڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بي??اروس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بي??اروس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.