مسقط / اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ گادي واري ??هر مسقط ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ اومان جي پرڏيهي وزارت ۾ جي سي سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي. ڌر??ن پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن بشمول سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافت، صحت ۽ قونصلر معاملن جو جامع جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ اومان تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل وزارتي ڪميشن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ڌرين اسلام آباد ۾ ??لد کان ??لد ايندڙ اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اومان کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي. اومان جي وفد 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي مسقط ۾ ٿيندڙ پهر??ن پاڪستاني بزنس ايڪسپو جي لاءِ حمايت جو اظهار ڪيو.