اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ??لو??ستان جي وڏي وزير سر??راز بگٽي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ??لو??ستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت آ??اه?? ڪيو. سومر ڏينهن پي پي پي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سر??راز بگٽي ??لو??ستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير ??لو??ستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ??لو??ستان ۾ برساتن کانپوءِ جي ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي قدمن بابت به آ??اه?? ڪيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان پي پي پي پي جي سيڪريٽري جنرل نئير حسين بخاري، پ پ پ ??ي انساني حقن بابت ڪميٽي جي صدر فرحت الله بابر ۽ پ پ پ پ سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پنجاب جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي بريفنگ ڏني.