اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪت?? وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪت?? وزير شزه فاطمه چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون اهم آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائد?? کڻي سگهن ٿا. ازبڪستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽي??ي ڪام سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته ازبڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز وار?? وزارت ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وار?? وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گر??پ قائم ٿئي، ازبڪستان پاڪستان سان اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.