اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري، پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقي ھميش فالڪز ملاقات ڪئي. قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر پارليامينٽ ھائوس آمد تي ھميش فالڪز جي آجيان ڪ??ي. اسپيڪر برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري پرڏيھي وزير ھميش فالڪز لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. اسپيڪر دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ت?? پاڪستان دولت مشترڪه جو ھڪ سرگرم ميمبر آھي، دولت مشترڪه جو ھڪ ذميوار ميمبر ھجڻ جي حيثيت سان پاڪستان ھميشه دولت مشترڪه جي فيصلن ۽ پاليسين جي پاسداري ڪئي آھي. سردار اياز صادق چيو ت?? پاڪستان جمھوري ادارن ک?? مستحڪم بنائڻ لاءِ برطانيه ۽ دولت مشترڪه جون ڪ??وشون واکاڻ جوڳون آھن، پاڪستان برطانيه سان پنھنجي پائيدار، تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن ک?? وڏي اھميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي ھميش فالڪز پاڪستان ۾ جمھوري ادارن ک?? مستحڪم بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پارلياماني معاملن بابت انڊر اسيڪريٽري پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ھميش فالڪز شاندار آجيان تي قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو.