اسلام آباد ?? 26 ??? نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن احتجاج دوران شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز خان جي جنازي نماز ۾ ش??ڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چڪلاله، راولپنڊي ۾ پڙهي ويندڙ جنازي نماز ۾ وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سول ۽ ملٽري آفيسرن جي وڏي انگ ش??ڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڪنهن فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ فساد ۽ ا??تش??ر جا اهڙا قدم مذمت جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم احتجاج دوران پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڊيوٽي تي مقرر جوانن کي خراج تحسين پي?? ڪري ٿي، پوري قوم احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پي?? ڪري ٿي.