اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن کان جاري پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان خبرن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي ??نج رڪني آئيني بينچ متفرق درخواستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست جي ??ڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ??ڪيل ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ جي درخواست تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. بابر اعواڻ عدالت آڏو گذارش ڪئي ته فاٽا ??هريان ئي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن ڪارروائي جي ضرورت ناهي. وڊيو لنڪ ذريعي مون موجود ڪي پي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته طاقت جي استعمال تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ??اڪ??ڻ ته آئيني بينچ کي ايئن ڪرڻ جو اختيار آهي. تنهن هوندي به عدالت ان درخواست کي رد ڪندي چيو ته اهو معاملو عدالت آڏو ناهي. جسٽس مسرت هلالي عدالت کي سياسي معاملن ۾ ??لو?? ڪرڻ جي ڪوشش تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي تنبيهه پڻ ڪئي.