اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هاڻ تائين ڪارڪردگي جو جائزو، جاري ۽ مستقبل جي رٿائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي، ڪاروبار?? سرگرمين ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ اين ايڇ اي جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ معاش?? سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جو موجوده روڊ نيٽ ورڪ سيڙپڪاريءَ لاءِ اهم علائقن وچ ۾ رابطن جي سهولت فراهم ڪري ٿو، روڊ نيٽ ورڪ جي وڌيڪ بهتري سان معاشي ۽ ڪاروبار?? سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتريءَ سان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته شاهراهن جي تعمير جا نوان منصوبا نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ انتهائي پُرڪ??ش آهن. وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي ايم-6 ۽ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايم-9 کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪري سگهجي ٿو، ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شاهراهن جا منصوبا به نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ پُرڪ??ش آهن. وفاقي وزير چيو ته مانسهره کان ڪاغان، ناران روڊ کي موٽر وي جي طرز تي بڻايو ويندو، اين ايڇ اي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اين ايڇ اي جي روينيو ۾ واڌ سان ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته اين ايڇ اي ٻين ملڪن ۾ تعميرات?? سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، ٻين ملڪن ۾ تعميرات?? سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اين ايڇ اي قانوني طريقو ڳولي.