قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ??رورتن جو گهڻو حصو ان کان ئي برآمد ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سربراهي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي ??در پرابوو سوبيانتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پرابوو سوبيانتو کي انڊونيشيا جي ??در جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آئل فراهم ڪندڙ ملڪ جي ??ور تي انڊونيشيا جي ڪردار کي ساراهيو ڇو ته پاڪستان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهڻو حصو انڊونيشيا کان درآمد ڪري ٿو. آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان رابطي جي ??والي سان پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پاڪستان جي ??سيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علائقائي فورم جي ميمبرشپ جي لاءِ انڊونيشيا جي ??مايت کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان انڊونيشيا جي ??عاون ۽ حمايت سان آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف صدر پرابوو سوبيانتو کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لا??ِ پنهنجي ??مايت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي ??ل لاءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي ??رز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لا??ِ پنهنجي ??مايت جو ورجاءُ ڪيو.