استنبول – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دستاويزي فلمن جي تياري ۽ گڏيل نشريات جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دستاويزي فلمون تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. اها ڳالهه هن ترڪيه جي قومي ٽي وي چينل ”ٽي آر ٽي ورلڊ“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل براڊ ڪاسٽ عمر فاروق تنيويردي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ميڊيا تعاون، گڏيل دستاويزي فلمن جي تياري ۽ سي??حت جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ڀائراڻي ل??ڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي ل??ڳاپا تاريخي ۽ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ترڪيه جي حڪومت سان ڊرامن، دستاويزي فلمن جي گڏيل پروڊڪشن جي حوالي سان معاهدا اسان جي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو حصو آهن. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي. سمر اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر جو جيولين ٿرو جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پاڪستاني نوجوان ارشد نديم جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي هڪ تمام گهڻي متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي. اسان اهڙن نوجوانن تي دستاويزي فلمون تيار ڪري سگهون ٿا. پاڪستان ۾ شندور پولو فيسٽيو?? جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شندور پولو فيسٽيول نه رڳو سي??حت ۽ ثقافت پر راندين جي فروغ جو پڻ سبب آهي. هن چيو ته شندور پولو فيسٽيول دنيا جي بلند ترين مقام تي کيڏي ويندڙ پولو مئچ آهي. پي ٽي وي ورلڊ سان گڏجي شندور پولو فيسٽيول تي دستاويزي فلم پوري دنيا کي ??يک??ري سگهجي ٿي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي گڏيل نشريات جي پڻ تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهبي قدر موجود آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دستاويزي فلمون تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات و??ري وفاقي وزير ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن تي ڊيجيٽل دستاويزي فلمن جي تياري جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٽي آر ٽي ورلڊ جي مختلف شعبن جو پڻ دورو ڪيو.