اسلام آ??اد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري ??عاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست باضابطا طور تي پ??ڏيهي وزارت ۾ اسلام آ??اد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پ??ڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري ??عاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.